قاضي احمد ويجهو 3 ڏينهن اڳ گم ٿي ويل ٻارڙي جو شاخ مان لاش هٿ

Qazi Ahmed

قاضي احمد ويجهو 3 ڏينهن اڳ گم ٿي ويل ٻارڙي جو شاخ مان لاش هٿ آيو آهي، جڏهن ته مٺي ويجهو هڪ اڻڄاتل نوجوان جو لاش مليو آهي.

قاضي احمد جي مشائخ اسٽاپ تان 3 ڏينهن اڳ گم ٿيل ٽن ورهين جي ٻارڙي برڪت رند جو جمال شاخ مان  لاش هٿ ڪيو ويو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان دشمني ناهي، واقعي جي درست نموني جاچ ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

مٺي ويجهو اسلام ڪوٽ روڊ تان راءِ واري لڪ وٽ اڻڄاتل نوجوان جو لاش هٿ آيو، جيڪو مٺي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي………………….

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*