سپريم ڪورٽ ۾ وڪيلن جي انرولمينٽ لاءِ مدي ۾ ٽن سالن جي گهٽتائي جي منظوري

Supreme Issue

سپريم ڪورٽ ۾ وڪيلن جي انرولمينٽ لاءِ مدي ۾ ٽن سالن جي گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن تحت هاڻي 10 بدران 7 سالن جو هاءِ ڪورٽس ۾ تجربو رکندڙ وڪيل سپريم ڪورٽ جي انرولمينٽ لاءِ اهل هوندا.

چيف جسٽس آف پاڪستان انور ظهير جمالي سپريم ڪورٽ جي قانون جي رول نمبر 4 ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت وڪيلن جي سپريم ڪورٽ ۾ انرولمينٽ ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيسن تحت هاڻي وڪيل سپريم ڪورٽ لاءِ 10 سال بدران 7 سالن جي مدي ۾ انرولمينٽ ڪرائي سگهندا.

ان کان اڳ هاءِ ڪورٽس ۾ 10 سالن جي وڪالت جو تجربو رکندڙ وڪيل سپريم ڪورٽ جي انرولمينٽ لاءِ اهل هوندا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*