مردان ۾ نادرا جي آفيس ٻاهران آپگهاتي بم حملي ۾ ٻن سڪيورٽي گارڊز سميت22 ڄڻا مارجي ويا

Peshawar-map-6-7-15

خيبرپختونخواهه جَي شهر مردان ۾ نادار آفيس ويجهو آپگهاتي ڌماڪي جَي نتيجي ۾ ٻن سڪيورٽي اهلڪارن سميت 22 ڄڻا مارجي ويا ۽ 48 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

آر پي او مردان موجب، موٽر سائيڪل تي سوار آپگهاتي بمبار نادرا آفيس جي ديوار سان گاڏي ٽڪرائي ڇڏي، جنهن سبب نادرا عمارت سميت ڀروارين عمارتن کي نقصان پهتو.

آپگهاتي ڌماڪي جَي نتيجي ۾ نادرا آفيس ۾ سڪيورٽي لاءِ مقرر ٻن اهلڪارن سميت 18 ڄڻا مارجي ويا ۽ ملازمن سميت 48 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته مارجي ويلن جي انگ ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

پوليس، ريسڪيو ٽيمن ۽ سڪيورٽي فورسز ڌماڪي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي مردان سميت مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو، جتي اڪثر زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ڊي پي او فيصل شهزاد موجب، ڌماڪي جي نوعيت جي حوالي سان جاچ هلندڙ آهي، جڏهن ته ڌماڪي جي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*