لاهور هاءِ ڪورٽ، اسپاٽ فڪسنگ ۾ سزا ڪاٽيندڙ محمد عامر جي قومي ٽيم ۾ امڪاني شموليت خلاف درخواست خارج

LahoreHighCourtLHC12-8لاهور هاءِ ڪورٽ، اسپاٽ فڪسنگ ۾ سزا ڪاٽيندڙ محمد عامر جي قومي ٽيم ۾ امڪاني شموليت خلاف درخواست  خارج ڪري ڇڏي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد بلاول تي ٻڌل سنگل بينچ محمد عامر جي قومي ٽيم ۾ امڪاني شموليت خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته محمد عامر ميچ فڪسنگ ۾ ملوث رهيو آهي، ان ملڪ ۽ قوم کي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪيو، اهڙي رانديگر کي قومي ٽيم ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي.

درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته محمد عامر جي قومي ٽيم ۾ شموليت خلاف حڪم جاري ڪيو وڃي.

 ٻڌڻيءَ دوران پي سي بي جي وڪيل جي غير حاضري تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي ايترو اهم ڪيس آهي پر بورڊ سنجيده نظر نٿو اچي.

عدالت جي هدايت بعد پي سي بي جي وڪيل پيش ٿي چيو ته محمد عامر اسپاٽ فڪسنگ ۾ سزا ڪاٽي چڪو آهي، جنهن بعد کيس ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

عدالت، ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد  محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي درخواست خارج ڪري ڇڏي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*