ٽنڊي محمد خان ۾ بدين روڊ تي مسافر ڪوسٽر تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا

TM-accedint

ٽنڊي محمد خان ۾ بدين روڊ تي مسافر ڪوسٽر  تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، راڻيپور ۾ ٻن روڊ حادثن جي ۾ ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حيدرآباد کان بدين ويندڙ مسافر ڪوسٽر ٽنڊي محمد خان ۾ مال پڙي وٽ ڪلٽي ٿي پيو، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي وئي، پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.

راڻيپور ۾ دستگير گيٽ وٽ قومي شاهرهه تي چنگچي ۽ سوزوڪي وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سوڀيديري واسي تنوير عباسي، ڪِنزا، ريحانه عباسي ۽ غلا شبير سامٽيو زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ واتڻي وڏا وٽ لنڪ روڊ تي به چنگچي ۽ ڪيري وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ 2 ڄڻا سيتم باگڙي ۽ نَيوَرداس زخمي ٿي پيا، جن کي طبي اداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*