ڪاڇي جي اولياءَ حضرت بهليل شاهه بخاري جي سالياني 215 هين عرس جون ٽن ڏينهن واريون تقريبون پنهنجي پڄاڻي تي پهتيون

balil-shah

ڪاڇي جي اولياءَ حضرت شاهه بهليل شاهه بخاري جي سالياني 215 هين عرس جون ٽن ڏينهن واريون تقريبون پنهنجي پڄاڻي تي پهتيون، عرس دوران ملهه ملاکڙا ۽ صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل ٿي.

واهي پانڌي ۾ حضرت بهليل شاهه بخاري جي سالياني عرس جون تقريبون درگاهه جي گادي نشين فقير وزير چانڊيو پاران اجتماعي دعا گهرڻ بعد پنهنجي پڄاڻي تي پهتيون.

ميلي ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پانڌيئڙن شرڪت ڪئي، جنهن دوران بازارن کي چوڙين، سڳين ۽ ٻين شين سان سينگاريو ويو.

ميلي جي ٽن وارين تقريبن دوران ملهه جا مقابلا ڪرايا ويا ۽ صوفياڻي راڳ رنگ جي محفلون منعقد ڪيون ويون…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*