جيڪب آباد ۾ گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

jecobabad

جيڪب آباد ۾ گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن ۽ شهرين وحيد بروهي ۽ خيرمحمد گهڃو جي اڳواڻيءَ ۾ افضل خان کوسو روڊ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته گئس جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف ڪيترن ئي مهينن کان سندن احتجاج جاري آهي پر سئي گئس اختيارين توڙي انتظاميا ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي.

هنن چيو ته گئس لوڊشيڊنگ سبب گهريلو صارفين کي رڌ پچاءُ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

 اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شهرين کي گئس جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*