پي ٽي آءِ پاران سڀاڻي ڪراچي جي 14 هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويندا شيڊول جاري

پي ٽي آءِ پاران سڀاڻي ڪراچي جي شاهراهه فيصل، قومي شاهراهه، حسن اسڪوائر، نمائش چورنگي، ڪالاپل ۽ نيٽي جيٽي پل سميت 14 هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويندا، تحريڪ انصاف سڀاڻي شهر ۾ رٿيل احتجاج جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.

تحريڪ انصاف پاران جاري ڪيل شيڊول موجب سڀاڻي، دائود چورنگي، اورنگي ٽائون، فائيو اسٽار، نارٿ ناظم آباد ۽ حسن اسڪوائر ۾ ڌرڻا هنيا ويندا.

تحريڪ انصاف موجب نرسري، نمائش، نيٽي جيٽي، ڪالاپل ۽ حب روڊ سميت 14 هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويندا.

پي ٽي آءِ موجب شاهراهه فيصل تي ڌرڻي جي اڳواڻي اسد عمر ۽ قومي شاهراهه تي ڌرڻي جي اڳواڻي اعظم سواتي ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*