سنڌ پوليس سال 2015ع جي ڪارڪردگي رپورٽ آءِ جي سنڌ کي پيش ڪري ڇڏي

ig

سنڌ پوليس سال 2015ع جي ڪارڪردگي رپورٽ آءِ جي سنڌ کي پيش ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ موجب 3826 مقابلن ۾ 90 پوليس آفيسرز ۽ جوان شهيد ٿيا، 12235 جوابدارن کي  گرفتار ڪيو ويو، 753 جوابدار مقابلن ۾ مارجي ويا آهن.

اي آءِ جي پاران آءِ جي سنڌ کي پيش ڪيل رپورٽس موجب هلندڙ سال دوران جوابدارن وٽان 526 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو ۽ 32 آپگهاتي جئڪيٽس هٿ ڪيون ويون.

پوليس موجب جوابدارن وٽان 688 بم، 762 آوان بم ۽ 6 آءِ اي ڊيز ،20 ايل ايم جيز، 11 جي ٿري، 380 ايس ايم جيز ۽ ڪلاشنڪوف هٿ ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*