ٻين جي ڪوتاهين جي سزا نواز ليگ سرڪار ڀوڳي رهي آهي:احسن اقبال

ihsan-iqbal

ترقي ۽ رٿابندي واري وزير احسن اقبال چيو آهي ته ٻين جي ڪوتاهين جي سزا نواز ليگ سرڪار ڀوڳي رهي آهي، پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبو خطي ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته جديد دور جي تقاضن موجب، گورننس ۾ سڌارا آڻڻا پوندا.

هن چيو ته ماضي ۾ سرڪاري شعبن ۾ سڌارا نه آڻڻ سبب انتظامي ڍانچو ڪمزور ٿيو، جنهن جا معاشري تي ڳرا اثر پيا.

وفاقي وزير چيو ته جنوري کان گورننس ريفارمز جي پهرين مرحلي جي شروعات ڪئي ويندي، هاڻي ماضي جيان ريفارمز رولڙي جو  شڪار نه ٿيندو.

ترقي ۽ رٿابندي واري وزير چيو ته حڪومت پٺتي پيل ادارن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، اميد آهي ته جلد سرڪاري کاتن ۾ سڌارا اچي ويندا.

احسن اقبال وڌيڪ چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبو خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، جڏهن ته پاڪستان ۾ بيروزگاري به گهٽجي ويندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*