طالبان مالي طور تي پريشان آهن، ڪراچي ۾ ڀتي جي وصولي لاءِ نيٽ ورڪ قائم ڪري واپارين کان ڀتو وصول ڪيو ويو

Karachi-Police

ڪراچي جي علائقي مان ڊفينس مان گرفتار ڪيل ٻن دهشتگردن پوليس آڏو انڪشاف ڪيو آهي ته طالبان مالي طور تي پريشان آهن، ڪراچي ۾ ڀتي جي وصولي لاءِ نيٽ ورڪ قائم ڪري واپارين کان ڀتو وصول ڪيو ويو.

پوليس موجب گذريل ڏينهن ڊفينس واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل دهشتگرد اڪبر ۽ اختر جاچ آڏو اهم انڪشاف ڪيا آهن.

پوليس موجب، گرفتار دهشتگرد اڪبر جاچ دوران ٻڌايو ته طالبان ڪراچي ۽ قبائلي علائقن ۾ مالي طور تي پريشان آهن، ان ڪري وزيرستان مان طالبان ڪمانڊر کي ڀتي جي وصولي لاءِ موڪليو ويو، جنهن ڪراچي ۾ ڀتا نيٽ ورڪ قائم ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*