نوري آباد ڀرسان سپر هاءِ پي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ جي جسٽس آفتاب ڳورڙ جي گاڏي کي ٽرالر جو ٽڪر

noria-abad-highi-wAY

نوري آباد ڀرسان سپر هاءِ پي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ جي جسٽس آفتاب ڳورڙ جي گاڏي کي ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ  سبب سندس گهرواري ۽ 3 ٻار زخمي ٿي پيا، قاضي احمد ڀرسان ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس آفتاب ڳورڙ پنهنجي ڪٽنب سميت ڪراچي کان حيدرآباد وڃي رهيو هو ته نوري آباد ويجهو سپر هاءِ وي تي سندس گاڏي جو ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو.

حادثي ۾ جسٽس آفتاب ڳورڙ محفوظ رهيو، جڏهن ته سندس گهرواري مسمات آمنه 8 ورهين جو پٽ فيصل، 10 ورهين جي طوبا ۽ 12 ورهين جي اقصه زخمي ٿيا آهن جن کي ڄامشورو لمس منتقل ڪيو ويو آهي.

قاضي احمد ويجهو قومي شاهراهه تي ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي  نتيجي   ۾ نوجوان سليم چانڊيو فوت ٿي ويو، جنهن جو مڙهه تعلقي اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*