پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف سان سعودي عرب جي دفاع واري نائب وزيرسان ملاقات

army

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف سان سعودي عرب جي دفاع واري نائب وزيرسان  ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ سڪيورٽي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب، سعودي عرب جي نائب دفاع واري وزير محمد بن عبدالله العيش جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو، جتي هن آرمي چيف جنرل راحيل سان ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي علائقائي سلامتي، خطي جي سڪيورٽي صورتحال، دفاعي سهڪار ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي فوج وچ ۾ تربيت ۽ دفاعي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ وارا معاملا به غور هيٺ آيا……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*