آسمان تي آتشبازي جي انڊلٺي رنگن، زمين تي ٻهڪندڙ چهرن، نيڪ ارادن امن ۽ خوشحالي جي اميدن ۽ دعائن سان دنيا ۾ سال 2016 جي آجيان ڪئي وئي

happy-new-year

آسمان تي آتشبازي جي انڊلٺي رنگن، زمين تي ٻهڪندڙ چهرن، نيڪ ارادن امن ۽ خوشحالي جي اميدن ۽ دعائن سان دنيا ۾ سال 2016 جي شروعات ٿي وئي آهي، نيوزيلينڊ، آسٽريليا، جاپان، ملائيشيا، تائيوان، برطانيا، ڏکڻ ڪوريا، روس، هانگ ڪانگ ۽ ٿائلينڊ سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ شاندار آتشبازي سان سال 2016 کي ڀليڪار ڪيو ويو.

دنيا ۾ سال 2015 موڪلائي ويو ۽ نئين سال 2016ع جي شروعات ٿي وئي، دنيا جي مختلف ملڪن ۾نئين سال جي آمد تي آتشبازي ڪري جشن ملهايا ويا.

دنيا ۾ نئين سال 2016 جي سڀ کان پهريان آجيان نيوزيلينڊ ۾ ڪئي وئي، آڪلينڊ ۾ ماڻهن جي وڏي انگ گڏ ٿي جشن ملهايو ۽ آتشبازي ڪئي.

ان کانسواءِ چين، ڀارت، نيپال، سريلنڪا، بنگلاديش، ڀوٽان، ترڪي، آسٽريليا، تائيوان، آسٽريليا، جاپان، ملائيشيا، برطانيا، ڏکڻ ڪوريا، روس، هانگ ڪانگ ۽ ٻين ملڪن ۾ به نئين سال 2016 جي ڀرپور انداز ۾ آجيان ڪئي وئي ۽ تقريبون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

لنڊن، برلن، سڊني، هانگ ڪانگ، ٽوڪيو ۽ ماسڪو ۾ به نئين سال جو جشن ملهائي آجيان ڪئي وئي، جڏهن ته برطانيا، امريڪا ۽ فرانس ۾ نئين سال جي جشن وارين تقريبن دوران دهشتگردي جي خدشي سبب سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.

لنڊن ۾ نئين سال جو جشن شاندار نموني ملهايو ويو، ٽيمز درياهه تي عوام جي وڏي انگ گڏ ٿي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو.

روس جي شهر ماسڪو ۾ نئين سال جي آمد تي ريڊ اسڪوائر وٽ وڏي تعداد ۾ ماڻهن گڏ ٿي نئين سال جي آجيان ڪئي ۽ هڪٻئي سان خوشيون ونڊيون.

جرمني ۾ به نئين سال جو جشن ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويو، برلن شهر ۾ برينڊن برگ گيٽ وٽ لکين ماڻهن گڏ ٿي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو.

عرب رياستن دبئي ۽ گڏيل عرب امارات ۾ به نئين سال جي آمد تي آتشبازي سان آجيان ڪئي وئي، جڏهن ته تقريبون پڻ منعقد ڪيون ويون.

دبئي ۾ برج خليفه وٽ شاندار آتشبازي ڪري نئين سال جو جشن ملهايو ويو ۽ ماڻهن هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*