اسلام آباد، راولپنڊي ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ايف آءِ اي جون ڪارروايون، انساني اسملنگ جي الزام هيٺ 9 جوابدار گرفتار

FIA

ايف آءِ اي انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڪارروايون  تيز ڪري ڇڏيون آهن، اسلام آباد، راولپندي، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاررواين دوران 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري جعلي دستاويز هٿ ڪري ڪيا ويا آهن.

اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ٻن جوجابدارن حنيف رضا، امجد حسين کي گرفتار ڪري جعلي دستاويز هٿ ڪيا.

راولپنڊي بينظير ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري اسمگلر اسرار الحق کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

پشاور جي مختلف علائقن ۾ ايف آءِ اي ڪارروايون ڪيون، جنهن دوران 4 انساني اسمگلر گرفتار ڪيا ويا.

ايف آءِ اي اختيارن موجب، ڪارروائي ۾ فدا حسين، اسحاق، افتخارالحق ۽ عابد علي کي گرفتار ڪري جعلي دستاويز هٿ ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ اي چيو ته جوابدار ايران، ترڪي ۽ يونان رستي ماڻهن کي يورپ موڪليندا هئا، کانئن وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي.

ايف آءِ اي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته ڪاررواين ۾ 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري جعلي پاسپورٽ ۽ ٻيا دستاويز هٿ ڪيا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*