آرمي چيف جنرل راحيل شريف فوجي عدالت پاران 9 دهشتگردن کي ٻڌايل موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي

army-chief

آرمي چيف جنرل راحيل شريف 9 دهشتگردن جي موت واري سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ ايس پي آر  موجب دهشتگرد راولپنڊي ۾ پريڊي لَين مسجد ۽ ملتان ۾ آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر تي حملن سميت لاهور ۾  سڪيورٽي اهلڪارن ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف 9 خطرناڪ دهشتگردن جي موت واري سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد محمد غوري تحريڪ طالبان پاڪستان جو ميڊيا انچارج هو، جيڪو راولپنڊي جي پريڊي لين مسجد تي حملي ۾ ملوث هو، جنهن ۾  38 شهري مارجي ويا ۽ 57 زخمي ٿي پيا هئا.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد عبدالقيوم حرڪت الجِهاد اسلام پنجاب جو اڳواڻ هو، جيڪو ملتان ۾ آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر تي حملي ۾ ملوث هو.

ملتان ۾ آءِ ايس آءِ جي هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگردن جي حملي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 72 زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر جي پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته دهشتگرد محمد عمران جو تعلق تحريڪ طالبان پاڪستان سان هو، جيڪو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن توڙي شهرين جي قتل ۽ اغوا ۾ ملوث آهي.

آءِ آيس پي آر موجب دهشتگرد اڪسن محبوب جو تعلق القاعده سان هو، سندس حملن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ڪيترائي اهلڪار مارجي ويا ۽ زخمي ٿي پيا هئا.

آءِ ايس پي آر موجب 5 دهشتگردن عبدالرئوف گجر، محمد هاشم سليمان، شفقت فاروقي ۽ محمد فرحان جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان هو، جيڪي لاهور ۾ سڪيورٽي اهلڪارن ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث آهن.

آءِ ايس پي آر موجب 9 ئي دهشتگردن مئجسٽريٽ آڏو پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو، جنهن بعد کين موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*