ڀارتي وزيراعظم بغير اجازت چار ڪلاڪ پاڪستان ۾ ڪيئن ترسيو؟،لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل،

modi

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي پاران بغير اجازت چار ڪلاڪ پاڪستان ۾ ترسڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

لاهور واسي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت، گهرو وزارت ۽ ٻين کاتن کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته نريندر مودي 120 ماڻهن سوڌو پاڪستان ۾ چار ڪلاڪ ترسي ملڪي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته نريندر مودي نواز شريف جي سالگرهه تي پاڪستان آيو، پر ڀارتي وفد جي ڪنهن ماڻهو وٽ دستاويز نه هئا، عدالت کي نوٽيس وٺي جاچ جو حڪم ڏنو وڃي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزير اعظم نواز شريف جي سالگرهه جي موقعي تي ڀارتي هم منصب نريندر مودي پنهنجي وفد سوڌو پاڪستان پهتو هو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*