وزيراعظم سان هوائي فوج جي سربراهه سهيل امان جي ملاقات

Nawaz-meets-new-Air-Cheif-S

وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب ۾ هوائي فوج جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، قوم جي سهڪار سان دهشتگردن کي شڪست ڏني ويندي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف سان هوائي فوج جي سربراهه سهيل امان ملاقات ڪئي، جنهن دوران آپريشن ضرب عضب ۽ ملڪي سڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران  ايئرچيف مارشل امان آپريشن ضرب عضب ۾ ٿيل اڳڀرائين بابت وزير اعظم نواز شريف کي تفصيلي بريفنگ ڏني.

وزير اعظم نواز شريف چيو ته آپريشن ضرب عضب ۾ هوائي فوج جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، قوم جي سهڪار سان دهشتگردن کي شڪست ڏني ويندي.

ٻئي پاسي وزير اعظم نواز شريف سان گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني  سفير مليحه لوڌي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*