سياري جون موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ سرڪاري اسڪول ته کـُلي ويا پر نجي تعليمي ادارن کي اڃا تائين تالا لڳل

Karachi-School-3-8

سياري جون موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ سرڪاري اسڪول ته کـُلي ويا پر نجي تعليمي ادارن کي اڃا تائين  تالا لڳل، سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو چيو آهي ته سياري جي موڪلن ۾ ڪابه واڌ نه ڪئي وئي آهي

سياري جون موڪلون اڄ ختم ٿيڻ باوجود ڪراچي ۾ نجي اسڪول نه کليا آهن،سيڪريٽري تعليم چيو آهي ته سياري جي موڪلن ۾ ڪوبه اضافو نه ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي تعليم کاتي سياري جون موڪلون 22 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين ڪيون هيون پر ڪراچي ۾ نجي تعليمي ادارا نه کليا آهن.

پرائيويٽ اسڪول ايسوسئيشن موجب تعليمي ادارا ايندڙ سومر تي کوليا ويندا.

سيڪريٽري تعليم چيو آهي ته سياري جي موڪلن ۾ ڪوبه اضافو نه ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*