سينئر صحافي شان ڏهر جي قتل کي 2 سال مڪمل ٿي ويا، پر سندس وارث اڃا تائين انصاف جي اوسيئڙي ۾

shan-dhahr

سينئر صحافي شان ڏهر جي قتل کي 2 سال مڪمل ٿي ويا، پر سندس وارث اڃا تائين انصاف جي اوسيئڙي  ۾ آهن، پوليس ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن کي هيل گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

باڊهه شهر جي سٽي بلاڪ واري علائقي ۾ هٿيار بندن صحافي شان ڏهر کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو، پر 2 سال گذرڻ باوجود پوليس مک جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

پوليس ڪيس ۾ نامزد جوابدار عمران ۽ عمران ۽ عرفان زهري کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته جوابدار نصرالله تنيو به ضمانت تي آزاد آهي.

پوليس شرعاتي جاچ ۾ واقعي کي اتفاقي گولي لڳڻ جو جواز ڄاڻائي دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا هئا، جنهن سبب ڪيس درست نموني ٽرائل نه ٿي سگهيو.

باڊهه پريس ڪلب ۾ صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن شهيد شان ڏهر جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي.

صحافين توڙي سڄاڻ ڌرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته صحافي شان ڏهر جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري قلم ڌڻين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*