حڪومت سيڙپڪارن لاءِ خوف وارو ماحول ختم ڪري ڇڏيو آهي:اسحاق ڊار

ishaq-dar18-11

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪارن لاءِ خوف وارو ماحول ختم ڪري ڇڏيو آهي، بهتر پاليسين سبب توانائي بحران گهٽجي ويو آهي، ٽيڪس وڌائڻ جي منظوري پارليامينٽ مان ورتي ويندي.

اسلام آباد ۾ رضاڪاراڻي ٽيڪس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جي بهتر پاليسين سبب توانائي بحران گهٽجي ويو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ ڪيترائي نوان سيڙپڪاري جا موقعا به پيدا ٿيا آهن.

هن چيو ته حڪومت سيڙپڪارن لاءِ خوف وارو ماحول ختم ڪري ڇڏيو آهي، اضافي ٽئڪس جي منظوري پارليامينٽ مان ئي ورتي ويندي آهي.

ناڻي واري وزير چيو ته ملڪي ترقياتي بجيٽ 12 سئو ارب رپين تائين پهچي ويو، جڏهن ته مستقبل ۾ ٽئڪس نظام ۾ وڌيڪ سڌارا آڻبا.

اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته نوازشريف جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، هاڻي حڪومت مراعتون ڏيڻ جو اختيار به پارليامينٽ کي ڏئي ڇڏيو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*