پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 15 جنوري کان شروع ٿيندڙ نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ قومي ٽيم جي ون ڊي ۽ ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان

haroon rashid

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 15 جنوري کان شروع ٿيندڙ نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ قومي ٽيم جي ون ڊي ۽ ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،  اسپاٽ فڪسنگ ۾ سزا کاڌل محمد عامر کي 5 سالن بعد ٻنهي فارميٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف سليڪٽر هارون رشيد نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو.

ٽـَي ٽوئنٽي لاءِ شاهد آفريدي کي ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته اظهر علي ون ڊي ٽيم جي قيادت ڪندو.

 ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ آل رائونڊر شعيب ملڪ، احمد شهزاد، محمد حفيظ، صهيب مقصود، عمر اڪمل، وهاب رياض، عِماد وسيم، عامر يامين، سرفراز احمد، انور علي ۽  ظفر گوهر کي شامل ڪيو ويو آهي.

ون ڊي ٽيم ۾ اسد شفيق، بابر اعظم، اظهر علي، آل رائونڊر شعيب ملڪ، احمد شهزاد، محمد حفيظ، صهيب مقصود، عمر اڪمل، وهاب رياض، عِماد وسيم، عامر يامين، سرفراز احمد، انور علي، محمد رضوان ۽  ظفر گوهر شامل هوندا.

نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته محمد عامر کي 5 سالن کانپوءِ ون ڊي ۽ ٽوئنٽي جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته محمد عرفان کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.

چيف سليڪٽر هارون رشيد چيو ته ورلڊ ٽي ٽوئنٽي کي نظر ۾ رکندي ٽيم جو اعلان ڪيو آهي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 15 جنوري تي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي ويندي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*