سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ ملير 15 جي فلاءِ اور کي 15 جنوري تي عام ٽريفڪ لاءِ کولڻ جي هدايت

Apex-Sindh-Qaim-2-12

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ ملير 15 جي فلاءِ اور کي 15 جنوري تي عام ٽريفڪ لاءِ کولڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ مڪاني ادارن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينئر وزير سيد مراد علي شاهه، مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وڏي وزير ملير 15 فلاءِ اور کي 15 جنوري تي عام ٽريفڪ لاءِ کولڻ ۽ ڪراچي ۾ روڊن جي مرمت واري ڪم کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وڏي وزير واٽر بورڊ کي شهر ۾ سيوريج جو نظام ٺيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪوبه گٽر کليل نظر نه اچي.

وڏي وزير واٽر بورڊ جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سيد مراد علي شاهه جي رهنمائي ۾ بجلي جي بلن جو مسئلو حل ڪرائن.

وڏي وزير ڊي ايم سي انتظاميه کي پنهنجي ادارن ۾ ميٽرنٽي هومز، اسپتالن ۽ ڊسپينسرين کي فعال بڻائڻ جي به هدايت ڪئي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*