سياسي ڏڦيڙ وارين ڪوششن کي استحڪام ۾ تبديل ڪري ميگا پروجيڪٽس تي ڪم ڪيو ويو:پرويز رشيد

prviz-rasheed

سڌ سماءُ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته سياسي ڏڦيڙ وارين ڪوششن کي استحڪام ۾ تبديل ڪري ميگا پروجيڪٽس تي ڪم ڪيو ويو، 2016ع خوشين ۽ امن وارو سال ثابت ٿيندو.

اسلام آباد ۾ سائره افضل تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته وزيراعظم چونڊ منشور تحت هيلٿ اسڪيم جو افتتاح ڪري پنهنجو واعدو پاڙيو آهي.

هن چيو ته صحت ڪارڊ غريب ماڻهن لاءِ تحفي کان گهٽ نه آهي، حڪومت تعليم توڙي صحت لاءِ بهتر قدم کڻي رهي آهي.

پرويز رشيد چيو ته نواز ليگ سياسي ڏڦيڙ جي ڪوشش کي استحڪام ۾ بدلايو، 2015ع ۾ ميگا پراجيڪٽس تي ڪم ڪيو ويو.

ان موقعي تي سائره افضل تارڙ چيو ته 6 هزار 500 مستحقن کي صحت ڪارڊز ڏنا ويا آهن، ڪوشش آهي ته وڌ کان وڌ غريب ڪٽنبن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*