احتجاج سبب شهرين کي تڪليف پهچڻ تي معذرت ڪيان ٿو عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان  ڪراچي ۾ احتجاج سبب شهرين کي تڪليف پهچڻ تي معذرت  ڪندي چيو   آهي ته لاهور ۾ رستا روڪ ڪئي  وئي ته ڪارڪن ڀرپور مقابلو ڪندا.

ڪراچي ايئرپورٽ پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هو خانداني حڪومت جي خاتمي ۽ جمهوري حڪومت جي قيام لاءِ ميدان ۾آيو آهي ۽ پر امن احتجاج سندس حق آهي.

تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته ڪراچي ۾ ڌرڻن سبب عوام کي پهتل تڪليف تي معافي وٺان ٿو ۽ ٽرانسپورٽ بند رکڻ تي هو ٽرانسپورٽرن جو ٿورائتو آهي.

عمران خان چيوته فيصل آباد ۾ راڻا ثناءُ الله جي غنڊن سندن احتجاج تي حملا ڪيا ۽ هو سڀاڻي پريس ڪانفرنس ڪري انهن جا تفصيل ٻڌائيندو.

عمران خان چيو ته هو لاهور ۾پرامن نمون احتجاج ڪندا، جيڪڏهن رڪاوٽ وڌي وئي ته نوجوان ان جو ڀرپور نموني مقابلو ڪندا.

تحريڪ انصاف جي سربراهه صحافين خلاف نعريبازي ۽ حملن جي مذمت ڪندي چيو ته هو ان معاملي جي جاچ ڪرائيندو.

عمران خان چيو ته 2013ع جي چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌليون ٿيون  ۽ هو 4 مهينن کان ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*