سکر پوليس ڳجهي اطلاح ملڻ تي ڪارروائي ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا

سکر پوليس ڪراچي ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي ناڪام بڻائيندي 2 مارٽر گن، 2 گولا، راڪيٽ لانچر ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدارن کي سندن وارث عورتن اغوا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

سکر پوليس ڳجهي اطلاع تي روهڙي باءِ پاس تي پشاور کان ڪراچي ويندڙ هڪ ڪار کي روڪي ان مان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا ۽ بهاولپور واسي اقبال بلوچ ۽ ملتان واسي ابراهيم اعواڻ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هٿ ڪيل هٿيارن ۾ 2 مارٽر گن ۽ مارٽر گولا، هڪ راڪيٽ لانچر، 12 ڪلاشنڪوف، هڪ  مشين گن، 3 نائين ايم ايم گنز ، 2 رائفلون، سيون پوائنٽ ٽو واريون ٻه ڪلاشنڪوف، 8 پسٽل ۽ 5 هزار گوليون شامل آهن.

ايس ايس پي سکر تنوير تنيو پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته هٿ ڪيل هٿيارن ۾ پرڏيهي ساخت جا هٿيار به شامل آهن، جيڪي پشاور مان ڪراچي منتقل ڪيا پئي ويا، جتي اهي دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ استعمال ٿين ها.

هن چيو ته ڳجهي اطلاع تي هٿيارن جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، جوابدارن کان جاچ دوران اهم معلومات حاصل ٿي آهي، وڌيڪ گرفتارين لاءِ پوليس پارٽيون پنجاب ۽ پشاور اماڻيون ويون آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي تنوير تنيو جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر خالد  محمود سومرو جي قتل ڪيس ۾ 90 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي آهي، سومر ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪري تفصيل جاري ڪيا ويندا.

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ڪامياب ڪارروائي ڪندڙ سکر پوليس پارٽي لاءِ 5 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيوآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*