پنجاب جي شهر وهاڙي ڀرسان ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت

hangorija-hadso

پنجاب جي شهر فيصل آباد ۽ وِهاڙِي ۾ ٻن روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا.

فيصل آباد ايئرپورٽ ڀرسان جهنگ روڊ تي مسافر بس ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

وهاڙي ۾ ڪوٽ والي پل ڀرسان ٽرڪ ۽ ڪار ۾ ٽڪر سبب ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي پيا، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

پوليس موجب حادثو ڪار ڊرائيور جي غلطيءَ سبب پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*