ٺل ويجهو هٿياربند ٻن ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري ويا، سندن گاڏي زور ڳڙهه واري علائقي مان لاوارث حالت ۾ هٿ

thul

ٺل ويجهو هٿياربند ٻن ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري ويا، سندن مزدا زور ڳڙهه واري علائقي مان لاوارث حالت ۾ هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته اڍائي مهينا اڳ خيرپور ويندي اغوا ڪيل ٻن ڄڻن ۽ 8 سال اڳ اغوا ڪيل معصوم نياڻي فضيلا سرڪي جو به پتو نه پئجي سگهيو آهي، جن جا وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن.

ڳوٺ جمعون ڊکڻ جا رهواسي مزدا ڊرائيور عطاءُ الله سومرو ۽ رشيد سومرو ڪنڌڪوٽ کان ٺل اچي رهيا هئا ته زور ڳڙهه واري علائقي مان هٿيار بند کين اغوا ڪري ويا، سندن گاڏي پوليس لاوارث حالت ۾ هٿ ڪري ورتي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته هٿيار بند ٻنهي ڳوٺاڻن کي ڪچي طرف اغُوا ڪري ويا آهن، جن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.

اڍائي مهينا اڳ خيرپور ويندي اغوا ڪيل غلام رسول ڪنڊراڻي ۽ محمد موسيٰ سرڪي ۽ 8 سال اڳ اغوا ٿيل معصوم  نياڻي فضيلا سرڪي جو به پتو نه پئجي سگهيو آهي، جن جا وارثن پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*