ڀارتي سڪيورٽي فورسز ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود پٺان ڪوٽ ايئر بيس کي دهشتگردن کان ڪليئر ڪرائي نه سگهيون

india04-01-16

ڀارتي شهر پٺاڻ ڪوٽ ۾ هوائي اڏو ڪليئر نه ٿي سگهيو، ٽئين ڏينهن به ڀارتي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ مقابلو جاري آهي، ڀارتي ميڊيا موجب هن وقت تائين 6 حملي آور ۽ هڪ ليفٽيننٽ جنرل سميت 11 ڀارتي فوجي مارجي چڪا آهن، جڏهن ته 12 زخمي ٿي پيا آهن.

2 ڏينهن اڳ پوليس وين ۾ سوار ڀارتي فورسز جي وردي پهريل دهشتگرد نئين دهلي جي پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس اندر داخل ٿي ويا هئا، جنهن کانپوءِ هن وقت تائين مقابلو جاري آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب گذريل ٻن ڏينهن دوران جاري مقابلي دوران 6 حملي آور مارجي چڪا آهن، جڏهن ته اڃا به دهشتگردن سان مقابلو هلندڙ آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ايئر بيس اندر وڌيڪ ٻن دهشتگردن جي موجود هئڻ جو خدشو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب دهشتگردن سان مقابلي دوران ليفٽيننٽ ڪرنل سميت 11 ڀارتي اهلڪار مارجي چڪا آهن ۽ 12 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*