ڀارتي رياست مانيپور ۾ زلزلي جي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

india-eartkququk

ڀارتي رياست مني پور ۾ 6 ڏهائي 8 جي شدت سان زلزلي سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب مني پور ۾ شديد زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب زلزلي سبب 6 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، سمورن متاثرن علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن.

امريڪي جيولوجيڪل سروري موجب زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 8 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ زلزلي جو مرڪز امفال شهر کان 33 ڪلو ميٽر پري هو، جڏهن ته زلزلي جو انهائي 57 ڪلو ميٽر زمين اندر هئي..

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*