جيڪڏهن نوجوان رانديگرن کي موقعو فراهم نه ڪيو ويو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ گهڻُو پوئتي رهجي ويندو:وقاريونس

waqar younis

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ موجوده ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقاريونس جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نوجوان رانديگرن کي موقعو فراهم نه ڪيو ويو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ گهڻُو پوئتي رهجي ويندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وقاريونس چيوته اهو تاثر غلط آهي ته محمد عامر جو ٽيم ۾شامل هجڻ لازمي آهي.

هن چيو ته جڏهن  ٽيم کي ڇهين بالر جو آپشن هوندو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن کي قرباني ڏيڻي پوندي آهي.

وقاريونس جو چوڻ هو ته وقت گذرڻ سان گڏ ڪرڪيٽ تبديل ٿي رهي آهي ۽ ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کي نئون رنگ ڏئي ڇڏيو آهي.

قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو وڌيڪ چوڻ هوته سعيد اجمل ۽ حفيظ جي بالنگ تي پاپندي سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي.

سندس چوڻ هوته احمد شهزاد سان ڪٿي نه ڪٿي زيادتي ٿي رهي آهي.

—————————–

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*