عمران خان ۽ وسيم اڪرم سندس آئيڊيل بالرز آهن، جن کيس تمام گهڻي سپورٽ ڪئي آهي:نوجوان فاسٽ بالر محمد عامر

Aaamir-Pakistan-Bowler

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته عمران خان ۽ وسيم اڪرم سندس آئيڊيل بالرز آهن، جن کيس تمام گهڻي سپورٽ ڪئي آهي.

لاهور ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد عامر جو چوڻ هوته هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيريئر جي شروعات زيرو کان ڪرڻي آهي.

هن چيو ته مشڪل وقت گذري ويو آهي ۽ نئين سال جي پهرين ڏينهن سٺي خبر ملي ۽سندس ٽيم ۾ شموليت ٿي.

هن چيو ته عمران خان، وسيم اڪرم ۽ شعيب اختر کيس تمام گهڻي سپورٽ ڪئي، جنهن سبب سندس حوصلو بلند رهيو.

هن چيو  ته هو گرائونڊ ۾ پنهنجي مداحن پاران ملندڙ مثبت ۽ خراب جملن لاءِ تيار آهي ۽ هو پروفيشنل ڪرڪيٽرآهي ،جنهن جو ڪم هر قسم جي  صوتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ هوندو آهي.

هن چيو ته نيوزيلينڊ خلاف رٿيل سيريز جي تيارين واري ڪيمپ ۾ کين بهترين ٽريننگ ڏني پئي وڃي، جنهن جو سيريز ۾ فائدو نظر ايندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*