ارجنٽينا ۾ جاري ڊاڪار ڪار ريلي جو پهريون مرحلو خراب موسم ۽ روڊ ايڪسيڊنٽ دوران زخمي ٿيندڙ تماشائين سبب ملتوي

car01

ارجنٽينا ۾ جاري ڊاڪار ڪار ريلي جو پهريون مرحلو خراب موسم ۽ روڊ ايڪسيڊنٽ دوران زخمي ٿيندڙ تماشائين سبب ملتوي ڪيو ويو آهي.

ارجنٽينا ۾ جاري ڊاڪار ڪار ريلي جي پهرين مرحلي دوران موسم خراب ٿي پيو،جنهن سبب تيز هوائن سان گڏ تيز برسات پئي.

تيزبرسات سبب روڊز پاڻي هيٺ اچي ويا،جنهن سبب ڊرائيورن کي گاڏيون هلائن  ۾ مشڪل پيش آئي.

ميگا ايونٽ جي شروع ٿيڻ بعد روڊ ڪناري بيٺل تماشائين کي هڪ گاڏي جو ٽڪر لڳو، جنهن سبب ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جن کي ايمرجنسي بنيادن تي اسپتال نيو ويو، اهڙي صورتحال بعد ايونٽ انتظاميه پهريون ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*