وزيراعظم نواز شريف بجلي في يونٽ 2 رپيا 32 پئسا گهٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

وزيراعظم نواز شريف بجلي جي في يونٽ تي 2 رپيا 32 پئسا گهٽتائي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هلندڙ مهيني جي آخر تائين تيل اگهن ۾ به وڌيڪ لاٿ ڪئي ويندي،  جيڪڏهن ڌرڻا نه هجن ها ته عوام کي وڌيڪ رليف فراهم ڪيو وڃي ها.

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته  حڪومت رڳو ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمي نٿي چاهي، عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ به حڪومت جي اولين ترجيح آهي،ملڪ ۾ بجلي چوري روڪڻ  انتهائي ضروري آهي، جنهن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

وزيراعظم چيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ سندس فرض آهي، هو ڪنهن تي به احسان نه پيا ڪن، ڌرڻن سبب ملڪ ۾ ڪيترائي منصوبا اڌ ۾ پيل آهن.

وزيراعظم چيو ته عوام کي بجلي اگهن ۾ لاٿ جي خوشخبري  پشاور مان ان ڪري ڏني پئي وڃي ته جيئن نئون پاڪستان خيبرپختونخواهه ۾ ٺهندي نظر اچڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*