پشاور ۾ گذريل ڏينهن سڪيورٽي فورسز جي ٽرڪ ويجهو ٿيل ڌماڪي جو ڪيس سـِي ٽـِي ڊِي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو

Peshawar-police-25-11

پشاور ۾ گذريل ڏينهن سڪيورٽي فورسز جي ٽرڪ ويجهو ٿيل ڌماڪي جو ڪيس سـِي ٽـِي ڊِي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ڌماڪي بعد مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪري 100 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پشاور ۾ موٽروي ٽول پلازه ويجهو گذريل ڏينهن تربيلا کان پشاور ايندڙ سڪيورٽي فورسز جي ٽرڪ کي بم سان نشانو بڻايو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيوهو.

ڌماڪي جو ڪيس سي ٽي ڊي پشاور تي اڻڄاتل دهشتگردن خلاف داخل ڪيو ويو آهي ۽ ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ آر موجب ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول بم ڊوائيس ذريعي ڪيو ويو،  جيڪو ٽول پلازه تي هڪ ٿنبي ويجهو زمين ۾ پوريو ويو هو.

هوڏانهن ڌماڪي بعد پوليس چمڪني، فقير آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 100 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*