سوني پڪچر جي ايمي پاسڪل براڪ اوبامه بابت مذاق ڪرڻ واري معاملي تي معافي گهري ورتي

سوني پڪچرز انٽرٽينمينٽ جي ڪو چيئرمين ايمي پاسڪل اِي ميل ذريعي صدر براڪ اوباما بابت نسل پرستي ۽ بي حسي وارا مذاق ڪرڻ تي معافي گهري ورتي آهي.

سوني پڪچرز جي اسٽوڊيو ڪميپوٽر تي هيڪرز حملو ڪري اڪائونٽ هيڪ ڪري ورتا آهن، جنهن دوران ايمي پاسڪل جي اي ميل به هيڪ ٿي وئي هئي، جنهن ڪري اهڙو اسڪينڊل سامهون اچي ويو.

پاسڪل ۽ فلم پروڊيوسر اسڪاٽ رُوڊن وچ ۾ اي ميلز بابت بــَز فيڊ ويب سائيٽ تي رپورٽ ۾ ڦاٽ ڦاٽو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته صدر اوباما سان نيرن جي دعوت کان اڳ ايمي پاسڪل ۽ اسڪاٽ وچ ۾ ايميل ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي چرچو ڪيو ته صدر اوباما کي گهڻو ڪري افريقي –  امريڪي فلمون ۽ اسٽار پسند هوندا.

اي ميل ۾ پاسڪل چوي ٿي ته هوءَ کانئس کان پڇي سگهي ٿي ته ڇا هو جينگو فلم پسند ڪري ٿو، ”جينگو اِن چينجڊ“ افريقا جي ڪاري نسل جي غلامن جي موضوع تي ٺاهيل فلم آهي، هڪ ٻئي جملي ۾ هو لکي ٿي ته هوءَ کانئس پڇندي ته ڇا هو ”دي بٽلر“ يا ”ٿنڪ لائيڪ اي مين“ بابت پڇندي.

ايمي پاسڪل اي ميل جي تصديق ڪرڻ باجود ان جا تفصيل نه ٻڌايا آهن سندس چوڻ هو ته هن ۽ اسڪاٽ وچ ۾ اي ميل تي ٿيل ڳالهه ٻولهه نامناسب ۽ بي حسي واري هئي ان هوندي به اها ڳالهه ٻولهه ان جي عڪاسي نه ٿي ڪري ته آئون ڪير آهيان.

ايمي پاسڪل چيو ته جيتوڻيڪ اي ميل واري ڳالهه ٻولهه نجي قسم جي هئي، جيڪا چوري ڪئي وئي آهي پر هوءَ ان جي ذميواري قبول ڪندي انهن سڀني کان معافي گهري ٿي، جن جي دل آزاري ٿي آهي.

شهري حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ريورينڊ اِل  سوني پڪچر جي ڪو چيئرمين جي معافي کي ناڪافي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان هالي ووڊ ۾ متڀيدي رويا ظاهر ٿين ٿا.

هن پاسڪل کان مطالبو ڪيو ته هوءَ فوري طور تي ڪارن اڳواڻن سان ملاقات ڪري ۽ سوني ڪمپني افريقي امريڪي برادري جي عزت ڪرڻ لاءِ قدم کڻي.

اسڪاٽ روڊن به اي ميلز تي معافي گهرندي چيو آهي ته هو انهن سڀني کان معافي گهري ٿو، جن جي هن جي ڳالهين سان دل آزاري ٿي آهي.

سوني پڪچر تي 24 نومبر تي سائبر حملو ڪري ان جو ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ هيڪ ڪيو  هو، جنهن بعد ڪمپني جي ڊيٽا ۽ اي ميلز رليز ڪيون ويون هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*