سنڌ سرڪار، نئين قانون تحت زڪوات پاڻ وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Apex-Sindh-Qaim-2-12

سنڌ سرڪار، نئين قانون تحت زڪوات پاڻ وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو  آهي، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه هدايت ڪئي آهي فيصلي کان وفاقي حڪومت ۽ اسٽيٽ بينڪ کي آگاهه ڪري زڪوات جي وصولي لاءِ طريقيڪار جوڙيو وڃي.

سي ايم هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيئر وزير مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، زڪوات واري سيڪريٽري،  گهرو سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ زڪوات ڪائونسل جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ قربان علوي شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وڏي وزير کي زڪوات جي وصولي بابت نئين قانون تحت بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نئين قانون تحت هاڻي سنڌ سرڪار زڪوات پاڻ وصول ڪندي ۽ وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان وفاق حڪومت کي خط لکي آگاهه ڪيو وڃي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي فيلي کان اسٽيٽ بينڪ ۽ زڪوات کاتي به آگاهه ڪيو وڃي.

وڏي وزير هدايت ڪئي ته زڪوات جي وصولي بابت زڪوات کاتو ۽ سنڌ بينڪ گڏجي طريقيڪار جوڙين………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*