روس ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي
روس ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي، چين به سعودي عرب ۽ ايران تي ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ لاءِ زور ڀريندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت رنڊڪون ختم ڪندي ڳالهيون جاري رکندا.
روسي پرڏيهي سرگي لاروف جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ايران ۽ سعودي عرب چاهين ته ماسڪو ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
چيني پرڏيهي کاتي جي ترجمان هوئا چنينگ بيجنگ ۾ نيوز بريفنگ دوران چيو ته عالمي برادري جي ٻين ملڪن جيان چين جي به ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ تي نظر آهي.
هن اميد ظاهر ڪئي ته سعودي ۽ ايران خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ رابطا وڌائيندا ۽ اختلافي معاملن کي ڳالهين ذريعي نبيريندا.
ڀارت جي پٺاڻ ڪوٽ بيس تي حملي کانپوءِ واري صورتحال بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيني پرڏيهي ترجمان حملي جي مذمت ڪندي چيو ته چين کي مخلصانه طور تي اميد آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت سموريون رنڊڪون ۽ مداخلتون ختم ڪري ڳالهيون ۽ سهڪار جاري رکندا.