مٺي جي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو

child

ٿرپارڪر ۾ ڊائريا، بخار، نمونيا ۽ بين بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، سول اسپتال ۾ وڌيڪ 2 معصوم ٻارڙا فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي، ڊي جي صحت صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ مٺي پهچي ويو آهي.

مٺي جي سول اسپتال ۾ مختلف بيمارين وگهي 3 ڏينهن جي سيمان ڌي ڪابل جوڻيجو ۽ پورهيت قادر بخش جو 4 ڏينهن جو ٻارڙو فوت ٿي ويا.

گذريل چئن ڏينهن دوران ٿرڪار جي مختلف اسپتال ۾ فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي، پر صحت کاتو به تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

مٺي، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر ۽ ٻين اسپتال ۾ ڊائريا، بخار، نمونيا ۽ ٻين بيمارين وگهي ڪيترائي ٻارڙا داخل آهن.

ڊي جي صحت حسن مراد شاهه صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ مٺي پهچي ويو آهي، جتي هو ڊي ايڇ او ۽ ٻين عملدارن سان گڏجاڻيون ڪري رهي آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*