دهشتگرد تنظيم داعش هڪ نئين ويڊيو جاري ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته برطانيه لاءِ مبينا جاسوسي ڪندڙ پنج ڄڻن کي ماريو ويو آهي

ISIS

دهشتگرد تنظيم داعش هڪ نئين ويڊيو جاري ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته برطانيه لاءِ مبينا جاسوسي ڪندڙ پنج ڄڻن کي ماريو ويو آهي.

دولت اسلاميه يا داعش سڏائيندڙ دهشتگرد تنظيم پاران 10 منٽ ڊگهي ويڊيو جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ نوجوان ۽ هڪ ڄڻو برطانوي لهجي ۾ ڳالهائي رهيا آهن.

ويڊيو ۾ نظر ايندڙ شخص برطانيه تي حملن جي ڌمڪي ڏيندي چوي ٿو ته هي ڊيوڊ ڪيمرون کاءِ پيغام آهي، برطانوي پرڏيهي کاتي موجب ويڊيو جو جائزو ورتو پيو وڃي.

داعش جي ويڊيو ۾ پنج مردن کي ڏيکاريو ويو آهي، جن کي جمپ سوٽ پهريل آهن، کين سندن ڏوهه بابت ٻڌائڻ بعد ڪنهن صحرا جي منظر ۾ کين مٿي ۽ پٺي ۾ گوليون هڻندي ڏيکاريو ويو آهي.

ويڊيو ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته پنج ڄڻن جي قتل کانپوءِ ڇهه ست سالن جو هڪ ننڍڙو ڇوڪرو فوجي وردي جهڙي لباس ۾ ڪجهه ئي پري بيٺل آهي.

قتل ڪيل پنج ڄڻن مان ڪجهه جو چوڻ هو ته هو شام جي شهر رقعه سان تعلق رکن ٿا، جڏهن ته هڪ جو چوڻ هو ته سندس تعلق لبيا سان آهي پر ڪنهن به پنهنجو تعلق برطانيه سان نه ڄاڻايو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*