ڪراچي ڳجهن ادارن جون ڪارروايون 3 دهشتگرد گرفتار

lahore-police

ڪراچي جي ملير ۽ ايسٽ  زون ۾ ڳجهن ادارن ڪارروائي  ڪري پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ 2 دهشتگردن ۽ هڪ سهولتڪار کي گرفتار ڪري چڙڏياريندڙ مواد هٿ ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب دهشتگرد القاعدا لاءِ فنڊنگ ۽ نوجوانن کي ذهني طور ويڙهه لاءِ تيار ڪندا هئا.

ذريعن موجب  ڳجهن ادارن پاران  ايسٽ  زون مان گرفتار ڪيل دهشتگردن جي  لياقت ۽ نعيم طور سڃاڻپ ٿي آهي، جيڪي پابندي مڙهيل تنظيمن لاءِ فنڊز گڏ ڪندا هئا.

ذريعن موجب گرفتار دهشتگرد القاعدا لاءِ فنڊنگ ۽ نوجوانن کي ذهني طور  ويڙهه لاءِ تيار ڪندا هئا.

ڳجهن ادارن ملير زون ۾به ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي هڪ سهولتڪار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪو سرڪاري اسڪول جو ٽيچر ٻڌايو پيو وڃي.

ڪراچي جي ملير زون ۾ ڳجهن ادارن جي ڪارروائي، 2 دهشتگرد گرفتار، چڙڏياريندڙ مواد هٿ

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*