ڪربلا جي شهيدن جي چهلم جي موقعي تي لکين زائرين ڪربلا پهچي رهيا آهن

ڪربلا جي شهيدن جي چهلم جي موقعي تي نه رڳو ايران پر ڀرپاسي جي ملڪن جا لکين زائرين ڪربلا پهچي رهيا آهن،چهلم جي موقعي تي سڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي آهي،عراق جي پاڙيسري ملڪن مان زائرين جو وڏو انگ پيرين پنڌ ڪربلا پهچي رهيو آهي.

حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ نه رڳو عراق پر پاڙيسري ملڪن مان به زائرين جو وڏو انگ ڪربلا پهچي رهيو آهي.

سموري ملڪ ۾ ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

انتظاميا جو چوڻ آهي ته عراق ۽ شام ۾ سرگرم سني شدت پسند تنظيم شيعا فرقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائي رهي آهي جنهن سبب کين شهيدن جي چهلم جي موقعي تي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*