گهڻو پراميد آهيان ته ٽيم ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪندي هاڪي ٽيم جو ڪپتان محمد عمران

پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪپتان محمد عمران چيو آهي ته نيڌرلينڊ جي ٽيم خلاف ڪاميابي ٽيم جي سمورن رانديگرن جي گڏيل ڪوششن سبب نصيب ٿي آهي ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته ٽيم ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪندي.

گذريل ڏينهن قومي هاڪي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي هاڪي ٽورنامنٽ جي هڪ اهم ميچ ۾ نيڌرلينڊ جي ٽيم کي ٻن جي ڀيٽ ۾ چئن گولن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي هاڪي ٽيم جي ڪپتان محمد عمران چيو ته گروپ ميچز ۾ مسلسل شڪستن بعد هالينڊ جي ٽيم خلاف فتح وڏي ڪاميابي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هالينڊ جي ٽيم دنيا جي مضبوط ٽيم آهي ،جنهن کي شڪست ڏيڻ بعد ٽيم جي سمورن رانديگرن جا حُوصلا گهڻا بلند ٿيا آهن.

قومي هاڪي ٽيم جي ڪپتان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هالينڊ جي ٽيم خلاف ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيم جي سمورن رانديگرن ڀرپور محنت ڪئي، جنهن سبب ٽيم کي ڪاميابي نصيب ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*