متحده جي رابطا ڪميٽي لاءِ الطاف حسين 9 نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي

متحده سربراهه الطاف حسين ڪراچي ۽ لنڊن جي رابطا ڪميٽي لاءِ 9 نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اڪثر نوان ميمبر شامل  ڪيا ويا آهن.

ڪراچي ۽ لنڊن ۾ وقتي  رابطه ڪميٽي جو اجلاس قمر منصور ۽ ارشد حسين جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ رابطه ڪميٽي لاءِ 9 نالا تجويز  ڪيا ويا.

نئين رابطا ڪميٽي ۾ گل فراز خٽڪ، ايوب شيخ، قاسم علي رضا، اظهار احمد خان، مصطفيٰ عزيز آبادي، ڪيف الوريٰ، عارف خان ۽   ارشد حسين شامل آهن.

رابطا ڪميٽي جي 9 ميمبرن ۾ اڪثر نوان ميمبر شامل آهن ، جڏهن ته  پارٽي سربراهه الطاف حسين نئين رابطا ڪميٽي جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي.

الطاف حسين 2  ڏينهن اڳ سيالڪوٽ ۾ پارٽي جي ضلعي نائب صدر بائو انور جي قتل کانپوءِ فوري طور رد عمل ظاهر نه ڪرڻ تي لنڊن ۽ ڪراچي جي رابطا ڪميٽي کي معطل ڪندي ان مٿان بدعنوانين جا الزام مڙهيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*