عمران خان ڪنٽينر تان نرم رويو اختيار ڪري احسن اقبال

 حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ۾  ڳالهين جو ٻيو دور سڀاڻي کان شروع ٿي رهيو آهي، وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ عمران خان ڪنٽينر تان نرم رويو اختيار ڪري، گذريل ڏينهن وزيراعظم بابت استعمال ڪيل لفظ ڳالهيون ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ڳالهين کي نتيجو ڏيندڙ بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ايندڙ ڳالهين جي دور ۾ اسحاق ڊار ۽ شاهه محمود قريشي به شرڪت ڪندا.

هن چيو ته تحريڪ انصاف سان گذريل ٿيل ڳالهيون خوشگوار ماحول ۾ رهيون، هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ بدران ملڪي مسئلن کي گڏجي حل ڪرڻ گهرجي.

احسن اقبال چيو ته حڪومت ڌانڌلين جي جاچ لاءِ تيار آهي ۽ چونڊ سڌرا چاهي ٿي پر ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ عمران خان کي رويي ۾ نرمي اختيار ڪرڻي پوندي، گذريل ڏينهن وزيراعظم بابت استعمال ٿيل لفظن ڳالهيون ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا.

هڪ سوال جي جواب ۾وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته حڪومت اڳ به ڳالهين ۾ سنجيده آهي، سندن خواهش آهي ته سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*