ڪنڌڪوٽ مان 2 هندو نوجوان پر اسرار نموني گم ٿي ويا

ڪنڌڪوٽ مان 2 هندو نوجوان پر اسرار نموني گم ٿي ويا آهن، وارثن سندن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي کين جلد بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي، جڏهن ته ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته نوجوان اغوا نه پر گم ٿي ويا آهن.

ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان نوجوان رنجيت ڪمار ۽ مهندر گذريل ڏينهن گهران نڪرڻ بعد پر اسرار نموني گم ٿي ويا، جن جو اڃا تائين ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو.

پراسرا نموني گم ٿي ويل نوجوانن جي وارثن جو چوڻ آهي ته، نوجوان  گذريل ڏينهن شام جو گهران واڪ ڪرڻ لاءِ نڪتا ته، واپس نه آيا ۽ پر اسرار نموني گم ٿي ويا ۽ سندن موبائيل فون به بند ملي رهيا آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته کين شڪ آهي ته نوجوانن کي اغوا ڪيو ويو آهي، پوليس نوجوانن کي بازياب ڪرائي ساڻن انصاف ڪري.

ايس ايس پي ڪشمور عمر طفيل چيو آهي ته نوجوانن کي اغوا ناهي ڪيو ويو پر، اُهي گم ٿي ويا آهن، جن جي ڳولا  ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته پوليس نوجوانن جي اغوا يا گم ٿيڻ جو ڪيس داخل ناهي ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*