حڪمران ٿر ۾ مرندڙ ٻارڙن بابت جواب ڏين عمران خان

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته هُو اهڙو پاڪستان چاهين ٿا جنهن ۾ سڀني کي انصاف ملي ۽ حڪمران ٿر ۾ مرندڙ ٻارڙن بابت جواب ڏين، 15 ڊسمبر تي هُو لاهور وڃي رهيا آهن، نوازشريف تي وڌيڪ دٻاءُ وڌو ويندو.

ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل نرسري وٽ پي ٽي آءِ جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته 2013ع وارين چونڊن جي جاچ جڊيشل ڪميشن ذريعي ڪرائي ويندي ۽ ڌانڌلي ڪندڙن کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سزا ملندي.

عمران خان چيو ته سيف الرحمان کي موٽر وي تي ڪميشن وٺڻ نه ڏني ويندي، نئين پاڪستان ۾ قانون ۽ آئين جي بالادستي هوندي.

هن چيو ته نئون پاڪستان ۽ حقيقي جمهوريت نظر اچي رهي آهي، هُو ڪراچي جي عوام جو هڪ ڀيرو ٻيهر ٿورائتو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هُو 15 ڊسمبر تي لاهور وڃي رهيا آهن ۽ نواز شريف تي هاڻي وڌيڪ دٻاءُ وڌو ويندو.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت پنجاب جي عوام کي پي ٽي آءِ جو ڪراچي وارو شو ڏسڻ کان روڪڻ لاءِ سموري صوبي جي بجلي بند ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*