لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نشي جي حالت ۾ جهاز اڏائڻ جي الزام هيٺ گرفتار پائليٽ عصمت محمود تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

Shaheen-Air-Line-Accident-Lahore

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نشي جي حالت ۾ جهاز اڏائڻ جي الزام هيٺ گرفتار پائليٽ عصمت محمود تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، وڪيل جي مهلت طلب ڪرڻ تي عدالت ٻڌڻي 14 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نجي ايئرلائين جي پائليٽ عصمت محمود خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

 پائليٽ عصمت محمود تي اڄ فرد جرم لاڳو ٿيڻ هو پر وڪيل طرفان مهلت ڪرڻ سبب عدالت فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.

پائليٽ جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته عصمت محمود جي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جيڪا ٻڌڻي هيٺ آهي، درخواست تي فيصلو اچڻ تائين عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت، عصمت محمود جي وڪيل جي استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي 14 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت پائليٽ عصمت محمود جي جڊيشل رمانڊ ۾ به 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*