ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽسمين هاشم آملا انڊيا هٿان سيريز ۾ شڪست بعد انگلينڊ خلاف جاري ٽِيسٽ سيريز ۾ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي بعد ڪپتاني تان ڌار ٿي ويو

hashim-amla

ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽسمين هاشم آملا انڊيا هٿان سيريز ۾ شڪست بعد انگلينڊ خلاف جاري ٽِيسٽ سيريز ۾ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي بعد ڪپتاني تان ڌار ٿي ويو آهي.

ڏکڻ آفريڪي شهر ڪيپ ٽائون ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هاشم آملا چيو ته هو پروٽينز جي ٽيم قيادت کان ڌار ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته ڀارت خلاف سيريز ۾ شڪست بعد ڏکڻ آفريڪي ٽيم هٿان پهرين ٽِيسٽ ۾ شڪست بعد هو سمجهي ٿو ٽيم جي حق ۾ اهو بهتر آهي ته هو ڪپتاني کان ڌار ٿي وڃي.

سندس وڌيڪ چوڻ هوته هڪ رانديگر جي حيصيت سان سندس ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي پر جڏهن کان هن قيادت ڪئي آهي ٽيم جي مجموعي پرفارمنس سٺي نه رهي آهي.

واضح رهي هاشم آملا جي جاءِ تي انگلينڊ خلاف رهيل ٻن ٽِيسٽ ميچز ۾ ٽيم جي قيادت ايب ڊي ويليئرز ڪندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*