آسٽريليا خلاف رٿيل ون ڊي ۽ٽي-ٽوئنٽي سيريز ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني جي قيادت ۾ آسٽريليا رواني

narinder-singh-dhoni

 آسٽريليا خلاف رٿيل ون ڊي ۽ٽي-ٽوئنٽي سيريز ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني جي قيادت ۾ آسٽريليا رواني ٿي وئي آهي.

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم رات دير سان آسٽريليا خلاف رٿيل پنج ون ڊي ۽3 ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ ممبئي کان آسٽريليا جي شهر ميلبورن رواني ٿي وئي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ رٿيل ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 12 جنوري تي کيڏي ويندي.

ڀارت روانگي کان پهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي مهيندر سنگهه ڌوني چيو ته آسٽريليا جي ٽيم کي شڪست ڏيڻ لاءِ ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي، جنهن بعد ٽيم کي فتح ملي سگهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*